بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي ۾ پيش رڪاوٽون ختم ڪرڻ کی هدايت

ڪراچي: ڪراچي ۾ بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي تي جاري ترقياتي ڪمن جي اڳڀرائي لاءِ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وفد سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين پاران شرڪت ڪئي وئي
اجلاس دوران ماڊل ڪالوني کان نمائش تائين منصوبي تي ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته پروجيڪٽ شهر جي ڳتيل آبادي ۾ تعمير هيٺ آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي کاتن جي انسٽاليشن موجود آهي
ايشياتي ترقياتي بينڪ جي وفد کي بريفينگ ڏيندي صوبائي وزير چيو ته پراجيڪٽ لاءِ ڪي ايم سي پاران الادين پپارڪ ۾ بس ڊيپو جي تعمير لاءِ زمين ٽرانس ڪراچي حوالي ڪئي وئي آهي
ڀينس ڪالوني ۾ بايو گيس پلانٽ جي تعمير لاءِ به زمين مختص ڪئي وئي آهي، هن چيو ته منصوبي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ايشيا.ئي ترقياتي بينڪ جي ڪراچي ۾ ڪيمپ آفيس ڪرڻ گھرجي جيئن روزانو جا معاملا حل ٿي سگھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔