دپيڪا شاهه رخ خان کي پنهنجي ڪاميابي جو ڪارڻ قرارڏئي ڇڏيو

ممبئي:بالي ووڊ جي ڊمپل ڪوئين دپيڪا پڊوڪون، فلم پٺاڻ جي ڪاميابي تي پريس ڪانفرنس دوران جذباتي ٿي وئي

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽس موجب فلم پٺاڻ رليز جي پهرين هفتي پنج سئو ڪروڙ رُپين جو بزنس ڪري ڪاميابي جا نوان رڪارڊ جوڙي ورتا آهن

ان سلسلي ۾ فلم جي مُک ڪاسٽ شاهه رخ خان، جان ابراهيم ۽ اداڪارا دپيڪا پاڊوڪون سميت ڊائريڪٽر سڌارٿ آنند پريس ڪانفرنس ڪئي

ميڊيا سان ڳالهائيندي دپيڪا پاڊوڪون جذباتي ٿيندي شاهه رخ خان کي پنهنجي ڪاميابي جو ڪارڻ قرار ڏيندي چيوته جيڪڏهن شاهه رخ خان نه هجي ها ته اڄ مان هتي نه هجان ها يا وڃائجي وڃان ها

دپيڪا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيوته سچ ٻڌايان ته سوچيو نه هيو ته اسان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏينداسين، اسان رڳو هڪ سٺي فلم ٺاهي آهي ۽ اِها ئي ڳالهه شاهه رخ خان مون کي پنهنجي پهرين فلم ۾ سيکاري هئي

اداڪارا چيو ته شاهه رخ خان مون کي چيو ته هوته اوهان کي انهن ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ کپي جيڪي اوهان کي خوش ڪن، هتي ڪم ڪرڻ لاءِ ڏاڍو خوبصورت ماحول آهي انڪري فلم ڏسڻ وارا  ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔