صوابي ۾ سي ٽي ڊي آپريشن: خودڪش حملي آورن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو

پشاور: صوابي ۾ سي ٽي ڊي آپريشن دوران 2 خودڪش حملي آورن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. پوليس موجب صوابي ۾ شرپسندن جي موجودگي جي اطلاع تي سي ٽي ڊي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن ۾ شرپسندن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي.
آپريشن دوران ڪافي دير تائين فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي، ان دوران پوليس جي وڏي نفري علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو هو.
آپريشن دوران خودڪش حملي آورن ڀڄڻ جو رستو نه ڏسندي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ شرپسند کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب شرپسندن خلاف رات دير تائين ٿيندڙ آپريشن جي نتيجي ۾ حملي آورن جي مارجي وڃڻ ۽ هڪ شرپسند جي گرفتاري سان وڏي تباهي جو منصوبو ناڪام بنايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔