موسم جي خرابي: امارات جي صدر شيخ محمد بن زايدالنهيان اسلام آباد جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان اسلام آباد جو هڪ ڏينهن جو سرڪاري دورو موسم جي خرابي سبب ملتوي ڪري ڇڏيو.
متحده عرب امارات جو صدر صبح ساڍي ستين وڳي کان ٽيڪ آف جي اوسيئڙي ۾ هو پر بهاولپور ۾ تيز برسات ۽ موسم جي خراب صورتحال سبب هو اسلام آباد نه پهچي سگهيو، سيڪيورٽي موسم جي خرابي سبب کيس اسلام آباد وڃڻ جي اجازت نه ڏني

.شيخ محمد بن زايد النهيان جي اسلام آباد جي دوري جو اعلان ٻيهر ڪيو ويندو. هن وزيراعظم شهباز شريف سان فون تي رابطو ڪري دوري جي ملتوي ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته جلد ٻن ڏينهن دوران اسلام آباد پهچندس.
وزيراعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جي صدر کي چيو ته اوهان جي سلامتي ۽ حفاظت اسان کي وڌيڪ عزيز آهي. موسم خراب هجڻ سبب اهڙو خطرو نٿا کڻي سگهون. آءِ جي اسلام آباد ۽ سيڪيورٽي ڊويزن مقرر ڪيل نفري کي هٽائي ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ اسلام آباد جا سمورا روڊ ٽريفڪ جي لاءِ کوليا ويا آهن. ياد رهي ته متحده عرب امارات جي صدر جي دوري کي نظر ۾ رکندي اڄ وفاقي گادي واري شهر ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔