پي ٽي آءِ محسن نقوي ۽ راجا رياض جي مقررين تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف محسن نقوي جي نگران وڏي وزير طور مقرريءَ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، درخواست ۾ محسن نقوي کي نگران وڏي وزير طور ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي

اسد عمر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هڪ اهڙي شخص کي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي جنهن وٽ سياسي، آئيني ۽ ڪو به بيوروڪريٽڪ تجربو نه آهي

تحريڪ انصاف ساڳي درخواست ۾ راجا رياض کي اپوزيشن ليڊر بڻائڻ واري نوٽيفڪيشن کي به چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميبرز بابر حسين ڀروانا ۽ اڪرام الله خان جي مقرري به غير آئيني قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔