اميد آهي اليڪشن ڪميشن پنجاب جي وڏي وزير لاءِ بهتر نالن جي چونڊ ڪندو: فواد چوڌري

لاهور:پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاق وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن شريف ۽ زرداري جي فرنٽ مين بجاءِ بهتر نالن جي چونڊ ڪندو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فواد چوڌري لکيو ته آرٽيڪل 224-(اي) موجب اليڪشن ڪميشن ٻن ڏينهن دوران چئن نالن مان ڪنهن هڪ کي وڏي وزير لاءِ نامزد ڪندو جيڪي پارلياماني ڪميٽي طرفان ڪميشن ڏانهن اماڻيا ويندا. ڪميشن پنهنجي طرفان نالو نٿو ڏئي سگهي

سمورن ميمبرن استعيفائون ملڪ ۾ عام چونڊن ڪرائڻ لاءِ ڏنيون هيون. هاڻ ويجهو پهچي چڪو آهي. هن وقت 6.4 سيڪڙو سيٽون خالي ٿي چڪيون آهن. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عام چونڊن جي شروعات ٿي چڪي آهي.
تحريڪ انصاف اڳواڻ وڌيڪ چيو ته مرڪز، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ عام چونڊن ڪجهه هفتا پري آهن. عام چونڊون پاڪستان جي بحران جو واحد حل آهن، سياسي استحڪام کان سواءِ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻ تباهي آڻيندڙ هوندو. ائين ڪيو ويو ته ان سان سياسي عدم استحڪام وڌندو ۽ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي، هاڻ عوام ۾ به مايوسي وڌي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔