ملڪ ۾ تيل کوٽ جي خبرن تي پيٽروليم وزارت اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پيٽروليم وزارت ملڪ ۾ تيل جي کوٽ جي خبرن تي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.
ياد رهي ته اهي خبرون سامهون آيون هيون ته ملڪ جي بئنڪن آئل ڪمپنين جي پيٽرول امپورٽ ايل سيز کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب فيبروري جي شروعات کان پيٽرول جي کوٽ ٿي سگهي ٿي

ناهي، کوٽ جون خبرون بي بنياد آهن.
وزارت جو چوڻ آهي ته پي ايس او وٽ پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جو مناسب ذخيرو موجود آهي، ان کانسواءِ تيل پهچائيندڙ ڪمپنين وٽ به پيٽروليم شين جو مناسب ذخيرو آهي.
پيٽروليم واري وزارت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته افواهن، اڳڪٿين ۽ گمراهه ڪندڙ اطلاعن تي ڌيان نه ڏيو.
هوڏانهن پاڪستان اسٽيٽ آئل به بيان جاري ڪيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جا ذخيرا اطمينان جوڳي سطح تي موجود آهن، اسان وٽ تيل جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔