پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي عام چونڊن ۾ آر ٽي ايس استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي عام چونڊن ۾ رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم(آر ٽي ايس) استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب ٻنهي صوبن ۾ عام چونڊون اليڪشن 2018ع ۾ استعمال ڪيل رزلٽ مينجمينٽ سسٽم(آر ايم ايس) ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن آر ايم ايس کي موڊيفائي ڪرڻ جي لاءِ ڪروڙين روپين جو ٺيڪو به ڏئي ڇڏيو آهي جنهن تي ڪمپني آر ايم ايس کي موڊيفائي ڪري 2 مهينن تائين اليڪشن ڪميشن جي حوالي ڪندو.
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب نئون موڊيفائيڊ آر ايم ايس ننڍين چونڊن ۾ تجربي ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن به اليڪشن ۾ استعمال نه ڪيو ويندو. صوبن جون عام چونڊون پراڻي آر ايم ايس تي ئي ڪرايو وينديون.
هوڏانهن اليڪشن ڪميشن عام چونڊن کان اڳ پراڻي آر ايم ايس جي ريهرسل جو فيصلو ڪيو آهي ان سلسلي ۾ صوبن جي چونڊن کان اڳ پراڻي آر ايم ايس تي هڪ ڏينهن جي موڪ ايڪسرسائيز به ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن ملازمن کي آر ايم ايس جي استعمال جي ٽريننگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔