شرجيل ميمڻ کي دل جي تڪليف، اين آءِ سي وي ڊي قاسم آباد منتقل

حيدرآباد :صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي دل جي تڪليف سبب اين آءِ سي وي ڊي قاسم آباد منتقل ڪيو ويو

ان سلسلي ۾ اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ جي اينجيوپلاسٽي ڪئي وئي آهي، سندس طبيعت هاڻي بهتر آهي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي اڄ حيدرآباد ۾ رٿيل پريس ڪانفرنس ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊيل نمائندن سان گڏجاڻيون ملتوي ڪيون ويون

 صبح جي وقت صوبائي وزير کي اوچتو دل جي تڪليف ٿي، جنهن بعد کيس فوري طور اين آءِ سي وي ڊي قاسم آباد پهچايو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔