چوڌري شجاعت حسين مونس الاهي کي اهم معاملن جي سربراهي تان هٽائي ڇڏيو

اسلام آباد: چوڌري شجاعت حسين جي قيادت هيٺ مسلم ليگ(ق) چوڌري مونس الاهي کي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني پارٽي جي سربراهه جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.
هاڻ ميمبرن جي اڪثريت طرفان اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي وفاقي وزير طارق بشير چيمه پارلياماني پارٽي جو سربراهه بڻجي ويو اهي.
وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ته مونس الاهي ايوان ۾ ويهي ڪنهن جي حمايت جي معاملي ۾ ميمبرن کي ڊڪٽيشن ڏئي سگهي ٿو.
هن چيو ته(ق) ليگ جي ميمبرن کي پارٽي جي سربراهه جي هدايتن تي عمل ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔