قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪي سلامتي بابت اهم فيصلا

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال بابت اهم فيصلا ڪيا ويا
قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي وزيرن بلاول ڀٽو زرداري، خواجا آصف، اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن به شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊي جي آءِ بي ۽ ڊي جي ايف آءِ اي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا
ذريعن موجب قومي سلامتي ڪميٽي امن دشمنن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن سان ڪابه رعايت نه ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔