معاشي مسئلا آهن، مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا: وڏو وزير

ڀان سيد آباد :وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران بوبڪ جو دورو ڪيوويو، بوبڪ جي دوري دوران ڳوٺاڻن پاران روڊ نه ٺهڻ ۽ ٻين  مسئلن بابت شڪايتون

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳوٺاڻن کي سندن مسئلا جلد حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، سيد مراد علي شاهه تڪ جو ٻن ڏينهن جو  دورو مڪمل ڪري هيليڪاپٽر ذريعي ڪراچي روانو ٿي ويو

ڀان سيد آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته معاشي مسئلا آهن، مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا، ٻوڏ متاثرن جا مسئلا حل ڪري رهيا آهيون، برساتن سبب سنڌ ۾ وڏي تباهه آئي آهي

آصف زرداري جي صدارت ۾ اڄ اجلاس ٿيندو، ن ليگ سوڌو ٻين اتحادي پارٽين جا اڳواڻ شريڪ ٿيندا، ايم ڪيو ايم جو موقف اليڪشن ڪميشن آڏو رکيو آهي، اليڪشن ڪميشن جيڪو فيصلو ڪندي، عمل ڪنداسين

وڏي مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته معيشت جي بهتري ۾ صوبن کان جيڪا مدد گهرجي، اسان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔