سال 2022 سنڌ سميت سموري ملڪ لاءِ خوفناڪ سال ثابت ٿيو

ڪراچي: سال 2022 سنڌ سميت سموري ملڪ لاءِ خوفناڪ سال ثابت ٿيو، 16 آگسٽ کان 28 آگسٽ تائين جي طوفاني وسڪارن سنڌ ۾ ٻوڏ آڻي ڇڏي، هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ سوا ڪروڙ بي گهر ٿي ويا

 ڪي اين شاهه، ڪوٽڏيجي، ٺري ميرواهه، جهڏو، گاجي کهاوڙ ۽ ٻيا شهر ٻڏي ويا، سيوهڻ جون 5 يوسيز ٻڏڻ سبب لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي

اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم بي اعتمادي رٿ ذريعي وزيراعظم عمران خان جو تختو اونڌو ڪيو

 سياسي ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام سبب دهشتگرد حملن ۾ اضافو ٿيو، سيڪيورٽي فورسز جي جوانن ۽ شهرين سميت سوين ماڻهو شهيد ٿيا

اڳوڻو وزيراعظم عمران خان لانگ مارچ جي قيادت ڪندي هڪ قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيو، سينيئر صحافي ارشد شريف کي ڪينيا ۾ پراسرار حالتن ۾ قتل ڪيو ويو

 نئين حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهي، اٽي، گيهه ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ ريڪارڊ اضافو ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔