ملڪ ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا: ڪائرا

سکر : وزيراعظم جي ڪشمير معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته عمران خان آمريڪا ۽ سعودي عرب سان لاڳاپا خراب ڪيا جڏهن ته آمريڪا جا اسان سان سٺا لاڳاپا ناهن پر اسان ان آڏو نه جُهڪنداسين.

سکر ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي قمر زمان ڪائرا چيو ته ڇا اليڪشن ڪرائڻ، قانون ۽ آئين ٺاهڻ سان جهموريت اچي ويندي آهي؟ ادارا ۽ عمارتون اڏڻ سان جهموريت ناهي ايندي.

هن چيو ته ملڪ ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي تنهنڪري ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، پاڪستان جي آمدني نوَ هزار ارب ۽ خرچ  14 هزار  ارب آهي.

سندس چوڻ هو ته مارڪيٽون رات اٺ وڳي بند ڪرڻ سان سئو ارب رُپيا ساليانو بچندا پر واپاري مارڪيٽون بند ڪرڻ لاءِ تيار ناهن جڏهن ته ورڪ لوڊ گهٽائڻ لاءِ ويهه سيڪڙو گهر کان ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته ان تي تنقيد ڪئي وئي.

قمر زمان ڪائرا چيو ته آمريڪا جا اسان سان سٺا لاڳاپا ناهن پر اسان کي ان جي آڏو جُهڪڻو ناهي، عمران خان آمريڪا ۽ سعودي سان لاڳاپا خراب ڪيا، اڄ بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير طور عالمي برادري سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيوآهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔