ڪراچي ٽيسٽ ۾ بابراعظم جي طبيعت خراب ، قيادت سرفراز احمد سنڀالي ورتي

ڪراچي ٽيسٽ ۾ بابراعظم جي طبيعت خراب ٿيڻ جي ڪري اهو ميدان ۾ نه اچي سگهيو جنهن ڪري قيادت سرفراز احمد سنڀالي ورتي . بابر اعظم جي طبيعت خراب هجڻ ڪري هو ٽئين ڏينهن ميدان ۾ نه آيو ، سندس جاءِ تي محمد رضوان متبادل فيلڊر طور ميدان ۾ آيو . بابر اعظم جي غير موجودگي ۾ سرفراز احمد قيادت سنڀالي ورتي . نعمان علي جي بال تي امپائر ناٽ آئوٽ ڏنو ته سرفراز  ريوو جو اشارو ڪيو . محمد رضوان ڪپتان آهي پر هو پليئنگ اليون جو حصو نه هئڻ ڪري قيادت نه سنڀالي سگهيو ، جيڪا اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد سنڀالي ورتي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔