اعظم سواتي جهڙو حشر مون سان ٿئي ها ته آپگهاتي حملو ڪري ڇڏيان ها: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اعظم سواتي سان جيڪو ڪجهه ٿيو، جيڪڏهن مون سان ٿئي ها ته آپگهاتي حملو ڪري ڇڏيان ها.

خيبر پختونخواهه جي پارلياماني پارٽي اجلاس سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته توهان سڀني ميمبرن کي چوان ٿو ته اعظم سواتي لاءِ احتجاج ڪيو، اعظم سواتي سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان کانپوءِ جيڪڏهن هن غلط ٽوئيٽ ڪيو ته سندس ذهني حالت جو خيال ڪيو

هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ ڪير اهو سمجهي چُپ نه رهي ته اهو سڀ ڪجهه اعظم سواتي سان ٿيو، اسان سان نه ٿيندو، پي ٽي آءِ ۾ ڪنهن سان به ائين ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري اعظم سواتي لاءِ احتجاج ڪيو، جيڪڏهن مون سان اهڙو ڪجهه ٿئي ها ته مان آپگهاتي حملو ڪيان ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔