نوشهرا ۾ پوليس موبائل تي حملو، 3 اهلڪار شهيد

نوشهرا: نوشهرا ۾ جي ٽي روڊ تي اکوڙا خٽڪ ڀرسان پوليس موبائل تي شدت پسندن جي حملي ۾ 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا.

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) عمر خان جو چوڻ آهي ته جي ٽي روڊ تي اکوڙا خٽڪ ڀرسان پوليس موبائل تي حملو ٿيو، حملي ۾ ٽي اهلڪار هيڊ ڪانسٽيبل منظور، ڪانسٽيبل امان الله ۽ ڊرائيور اياز خان شهيد ٿي ويا.

عمر خان جو چوڻ آهي ته پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي ۽ سرچ آپريشن جاري آهي.

ڊي پي او جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار معمول جي گشت تي هئا ته 2 شدت پسندن فائرنگ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔