پرٿ ٽيسٽ: لبوشين جي شاندار بيٽنگ، 48 سالن کانپوءِ اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

پرٿ: آسٽريلوي ڪرڪيٽر مارنوس لبوشين 48 سالن بعد ڪرڪيٽ ۾ هڪ اهم اعزاز حاصل ڪندڙ ٽيون آسٽريلوي ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي.

آسٽريليا جي مارنس لبوشين ٽيسٽ ميچ  ۾ ڊبل سينچري ۽ وري سينچري اسڪور ڪندڙ دنيا جو اٺون بيٽر بڻجي ويو آهي جڏهن اهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ هو ٽيون آسٽريلوي بيٽر آهي.

آسٽريليا جي ڪنهن بيٽر اهڙو اعزاز 48 سال اڳ حاصل ڪيو، آسٽريليا طرفان ڊوگ والٽرز 1969 ۽ گريگ چيپل 1974 ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو .

لبوشين ويسٽ انڊيز خلاف پرٿ ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ ڊبل سينچري ۽ وري ٻي اننگز ۾ سينچري ٺاهي.

انکانسواءِ سنيل گواسڪر، لارنس رو، گراهم گوچ، برائن لارا ۽ ڪمار سنگاڪارا پڻ اهڙو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔