ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ ثقافتي رنگ نروار،ايڪتا ڏهاڙو ٻوڏ متاثرن نالي

ڪراچي:  ايڪتا ڏهاڙي تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ثقافتي رنگن ۾ رڱجي وئي آهي. عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ ” اچو ته ٻوڏ متاثرن جي سار لهون“ جي عنوان هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سموري سنڌ ۾ ريليون ڪيون ويون.

ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، قمبر، عمرڪوٽ، مٺي ۽ شاهپور چاڪر ۾ ماڻهو ثقافتي ويس اوڍي ٻاهر نڪري آيا.

 نوابشاهه، دوڙ، ميرپور ماٿيلو، مٽياري، ميهڙ، راڍڻ ۽ ٻين شهرن مان ايڪتا ڏهاڙي جون ريليون ڪڍيون ويون.

نيو سعيد آباد، ڪوٽ غلام محمد، فريد آباد، نبي سر روڊ ۽ وارهه مان به ريليون ڪڍي ڌرتي ماءُ کي ڀيٽا ڏني وئي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن سان به ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو.

خانپور، گڊو، نصرپور کپرو، ڏيپلو، تنگواڻي ۽ ٻين شهرن ۾ به ماڻهو رستن تي نڪري آيا.

گهارو ۾ به ثقافتي ويس وڳا اوڍيل شهرين جي ريلي ۾ قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون.

لعلو رائنڪ، خيرپور جوسو، پکو، وارهه ۾ پڻ ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن جي رقص ڪيو ويو.

ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي

ڪوٽڙي، دوڙ، فيض گنج، فريد آباد، ڪوٽ غلام محمد ۽ ٻيا شهر به ايڪتا جي رنگن ۾ رڱجي ويا.

پنوعاقل، پير جو ڳوٺ، ٺٽو، بدين، دوڙ ۽ گهوٽڪي مان به ايڪتا ڏهاڙي جون ريليون ڪڍيون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔