78 ڪروڙ 89 لک رپين جي دنيا جي سڀ کان مهانگي دوا

واشنگٽن: آمريڪا ۾ هيمو فيليا جي علاج لاءِ اهڙي دوا جي منظوري ڏني وئي آهي، جيڪا دنيا جي سڀ کان مهانگي دوا آهي ۽ ان جي هڪ خوراڪ جي قيمت پاڪستاني ڪرنسي ۾ 78 ڪروڙ 89 لک رپيا ٿئي ٿي.

اسان جي جسم ۾ ڊوڙيندڙ رت ڪيترن قسمن جي پروٽين، ڳاڙهي، اڇي خلين ۽ پليٽيليٽس جو نالو آهي.

عام طور تي جڏهن ڪنهن تندرست انسان کي ڌڪ لڳندو آهي ته هڪ خاص وقت تائين رت وهڻ کانپوءِ زخم تي هڪ خاص قسم جو مواد گڏ ٿي ويندو آهي جنهن سان رت وهڻ کي روڪڻ ۾ مدد ملندي آهي.

هيموفيليا هڪ اهڙي جينياتي بيماري آهي جنهن ۾ مبتلا انسان جو جسم رت جي ان ذرن کي ناهي ٺاهيندي جيڪي رت جي وهڻ کي روڪيندا آهن، جيڪڏهن اهڙن ماڻهن کي ڌڪ لڳي پئي ته رت وهڻ ۾ گھڻو وقت لڳي ويندو آهي يا وري وهندڙ رت ناهي بيهندو، بيماري سبب ڪنهن وقت ماڻهو موت جي ور چڙهي ويندو آهي.

آمريڪا ۾ انسانن ۽ جانورن لاءِ خوراڪ توڙي دوائن جي فائدي ۽ معيار کي ڄاڻڻ ۽ انهن جي وڪري بابت فيصلي ساز اداري فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (ايف ڊي اي) هيمجينڪس (Hemgenix) نالي هڪ دوا جي وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

هيمجينڪس (Hemgenix) هيموفيليا جي ماتحت هيموفيليا بي جي شڪار بالغن جي علاج لاءِ ڊيزائن ڪيل هڪ جديد جين ٿراپي دوا آهي، جنهن کي انجيڪشن جي صورت ۾ مريض رڳو هڪ ڀيرو ئي استعمال ڪري سگھي ٿو.

عالمي ماهر به ان دوا جي فائدن کان انڪار نه پيا ڪن پر مسئلو اهو آهي ته هن دوا جي هڪ خوراڪ جو اگهه 35 لک آمريڪي ڊالرز آهي، جيڪي پاڪستاني ڪرنسي ۾ 78 ڪروڙ 89 لک رپيا ٿئي ٿي.

بيمارين ۽ دوائن بابت لاڳاپيل غير منافعي بخش جاچ تنظيم انسٽيٽيوٽ فار ڪلينڪل اينڊ اڪنامڪ ريويو جي تجزيي موجب هيمجينڪس جي مناسب قيمت 29 لک 30 هزر ڊالر کان 29 لک 60 هزار ڊالر جي وچ ۾ هوندي پر ان باوجود دنيا جا ڳڻيل چونڊيل ماڻهو ئي هي دوا خريدڻ جي سگھه رکن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔