ڪراچي : پنجاب اسيمبلي جي مستقبل سان ملڪ جي سياست سلهاڙجي وئي آهي. جڏهن ته اسيمبليون ٽوڙڻ واري عمران خان جي بيان کانپوءِ پي ٽي آءِ ۾ اندروني ڏڦيڙ به ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ظاهر ۾ ته وفاقي حڪومت پريشان آهي پر ان کان وڌيڪ عمران خان پريشان ٿي ويو آهي.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته عمران خان هڪ دوست جي ذريعي آصف علي زرداري کي پيغام اماڻيو آهي ته ” فيس سيونگ“ ڏيو، آصف زرداري جواب ۾ کتو انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ دوست جو عمران خان پاران اماڻيل وڊيو پيغام وزيراعظم شهباز شريف کي به آصف زرداري ڏيکاريو جنهن تي اڳواڻ مسڪرائيندا رهيا ۽ ڳالهائيندا به رهيا.
ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته ڪي پي اسيمبليءَ ۾ به پي ٽي آءِ وزيرن ۽ ميمبرن ۾ بي چيني پکڙيل آهي. جنهن بابت وڏي وزير محمود خان ملاقات ۾ پرويز خٽڪ کي صورتحال جي ڄاڻ ڏني ۽ آخر ۾ اهو شرط رکيو ته پهرين پنجاب اسيمبلي ٽوڙيو پوءِ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي ويندي.
هوڏانهن پرويز الاهي مسلسل عمران خان سان ملڻ کان ڪترائي رهيو آهي. سندس انداز مان محسوس ٿئي ٿو ته اسيمبلي ٽوڙڻ جي حق ۾ نه آهي. صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته (ن) ليگ دعويٰ ڪري رهي آهي ته 48 ڪلاڪن اندر بي اعتمادي رٿ جمع ٿي ويندي. ساڳي وقت اهو به چيو پيو وڃي ته پرويز الاهي کي گورنر اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چوندو. جڏهن ته پ پ ۽ (ن) ليگ جي ايم پي ايز کي پنجاب ۾ رهڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.
سمجهه ۾ اهو ٿو اچي ته شايد ڪجهه (ق) ليگ جا ميمبر ۽ جهانگيرترين جا حامي پي ٽي آءِ ميمبر پريس ڪانفرنس ڪري وڏي وزير تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندا ۽ پوءِ پرويز الاهي کي گورنر اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چوندو. اڃان تائين ڪابه ڳالهه واضح نه آهي. سڀني جون نظرون آصف زرداري ڏانهن آهن.