گورنر راڄ ۽ بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آهي: وفاقي گھرو وزير

ڪراچي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ الله چيو آھي ته اسيمبليز ٽوڙڻ جو عمل ڪڏهن به سياسي پارٽيز لاءِ فائديمند ثابت ناهي ٿيو، ڪوشش ڪنداسين ته اسيمبليز تحليل نه ٿين

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ الله اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گورنر راڄ ۽ بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آهي ۽ اُهي استعمال ڪري سگهجن ٿا، فيصلو ڪرڻو اٿئو ته پوءِ 20 ڊسمبر جو انتظار ڇو؟ اوهان جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين

بحراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبليز ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ڪرپٽ نظام مان نڪرڻ لاءِ پهرين سينيٽ چيئرمين ۽ صدر کي به ڪڍو

وفاقي گھرو وزير جو چوڻ ھو ته عمران خان ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، جلسن ۾ ناڪام ٿي اسيمبليز ٽوڙڻ وارو اعلان جمهوريت ۽ عوام جي توهين آهي، پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليز ٽُٽيون ته چونڊن لاءِ تيار آهيون، عام چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔