سنڌ جو سروس اسٽرڪچر تبديل: 17 کان 21 هين گريڊ جون 1486 پوسٽون اپگريڊ

سکر : سنڌ جي سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي ۾ 17 کان 21هين گريڊ تائين پوسٽون وڌايون ويون، سنڌ جي وڏي وزير جي منظوريءَ بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ 21هين گريڊ جون 25 پوسٽون هونديون

چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ 21 يا 22هين گريڊ جو هوندو. سينئر بورڊ آف روينيو، چيئرمين اينٽي ڪرپشن، چيئرمين چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم، سمورين ڊويزنن جا ڪمشنر، چيئرمين پراونشل اليڪشن اٿارٽي، وڏي وزير ۽ گورنر جا پرنسپل سيڪريٽري، سيڪريٽري صوبائي محتسب، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، لوڪل گورنمنٽ 21هين گريڊ جا مقرر ٿيندا

جڏهن ته انوائرمينٽ ۽ متبادل انرجي، وائلڊ لائيف ۽ فاريسٽ، ڪچي آبادي ۽ اسپيشل ڊولپمينٽ، اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ۽ صحت ۽ فنانس کاتن جا سيڪريٽري به 21هين گريڊ جا هوندا. ايس اي ايف جو اي ڊي، ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن بورڊ آف روينيو، سنڌ حڪومت جو سکيا، تحقيق واري ونگ جو سيڪريٽري پڻ 21هين گريڊ ۾ هوندا

مجموعي طور 25 عهدا 21هين گريڊ جا هوندا ۽ 68 عهدا 20هين گريڊ جا هوندا جن ۾ سيڪريٽري سروسز، سيڪريٽري جي اي، سيڪريٽري قانون ۽ پارلياماني معاملا، سيڪريٽري هيومن رائٽس، گهرو، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن، خوراڪ، ليبر کاتن جي سيڪريٽرين سميت 68 عهدا ويهين گريڊ جا هوندا، جن ۾ بحالي، سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن، بلدياتي حڪومتن، جا سيڪريٽري، فنانس، جيل، اسپيشل تعليم ۽ ٻين کاتن جا اسپيشل سيڪريٽري به شامل آهن

. 19هين گريڊ لاءِ 83 پوسٽون مقرر ڪيون ويون آهن، جن ۾ مختلف کاتن جا ڊي جي، ڊائريڪٽر، ميمبر، چيئرمين، ميونسپل ڪمشنر، کاتن ۽ ادارن جا سربراهه شامل آهن. مختلف کاتن ۾ مقرر ٿيندڙ ايڊيشنل سيڪريٽرين به 19هين گريڊ جا هوندا ۽ انهن جو تعداد 92 رکيو ويو آهي. روينيو کاتي ۾ سنڌ جي 29 ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر به هاڻ 19هين گريڊ جا هوندا. 6 ايڊيشنل ڪمشنر، چار روينيو آفيسر به 19هين گريڊ جا هوندا. مختلف کاتن جي ڊائريڪٽرن سميت مجموعي طور 65 عهدا19هين گريڊ جا ڪيا ويا آهن

جڏهن ته نان روينيو فيلڊ جي مختلف کاتن جي پوسٽن کي ملائي مجموعي طور 277 آفيسر 19هين گريڊ جا هوندا. ايئن ئي 18هين گريڊ ۾ مجموعي طور مختلف کاتن ۽ روينيو فيلڊ لاءِ 341 عهدا هوندا. جڏهن ته 17هين گريڊ لاءِ روينيو ۽ نان روينيو کاتن ۾ 240 آفيسر هوندا. ان کانسواءِ مئنيجمينٽ ڪيڊر، ٽي او تعليم سميت 17هين گريڊ ۾  278 آفيسر هوندا. سمورا ملائي 969 سترهين گريڊ جا آفيسر هوندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔