انگلش ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن کانپوءِ ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان پهتي

اسلام آباد: انگلش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستاني سرزمين تي 17 ورهين کانپوءِ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ اسلام آباد پهچي وئي. انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز پهرين ڊسمبر کان شروع ٿيندي. بين اسٽوڪس جي اڳواڻي ۾ انگلش ٽيم ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات اسلام آباد پهتي، جتي پي سي بي اختيارين مهمانن جي آجيان ڪئي. انگلينڊ خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل هوم ٽيسٽ سيريز جي شيڊيول موجب پهرين ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ سيريز جون ميچون راولپنڊي، ملتان ۽ ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون. انگلينڊ جي ٽيم آخري ڀيرو 2005 ۾ پاڪستان جي دوري دوران آخري ٽيسٽ ميچ ملتان ۾ کيڏي هئي، جتي انگلينڊ کي 22 رنسن تان شڪست نصيب ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔