آزاد ڪشمير مڪاني چونڊون: مظفر آباد ڊويزن ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست، نواز ليگ ميدان ماري ورتو

ڪراچي: آزاد ڪشمير ۾ مڪاني چونڊن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آھي، مظفر آباد ڊويزن ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ملي آھي ۽  ن ليگ ميدان ماري ورتو آھي

ميونسپل ڪارپوريشن مظفر آباد تي تحريڪ انصاف 38 مان 8 سيٽون کٽي سگهي، نواز ليگ 12 وارڊ ٻهاري ورتا، پيپلز پارٽي 7، آزاد اميدوار 7 ۽ 2 سيٽون مسلم ڪانفرنس کٽي ورتيون

نيلم، جهلم ويلي ۽ مظفر آباد جي 3 ضلعن جي يونين ڪائونسلز تي تحريڪ انصاف 74 مان 33 سيٽون ٻهاري ورتيون، پيپلز پارٽي 23 سيٽون کٽيون، ن ليگ 10 ۽ آزاد اميدوارن 5 سيٽون کٽي ورتيون، ٻن سيٽن تي مسلم ڪانفرنس ڪامياب ٿي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔