ڀَلي صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيو، پر وقت کان اڳ اليڪشن نٿي ڪرائي سگھجي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاران پي ٽي آءِ سربراھ عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ واري اعلان تي ردعمل ڏنو آھي

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آھي ته ڀَلي صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيو، پر قومي اليڪشن نٿي ٿي سگهي، جنهن اسيمبلي جي سيٽ تان استيعفيٰ ڏني ويندي، اُتي ئي اليڪشن ڪرائي ويندي

اليڪشن ڪميشن پاران عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ واري اعلان تي ردعمل ۾ وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ تي گهٽ ۾ گهٽ 22 ارب رپيا خرچ ايندو

اليڪشن ڪميشن ترجمان موجب هڪ ئي وقت پنجاب ۽ ڪي پي جي تقريبن 400 سيٽس تي ٻيهر اليڪشن ڪرائڻي پوندي، جنهن تي وڏو خرچ اچي سگهي ٿو، وقت کان اڳ اليڪشن نٿي ڪرائي سگھجي، جنھن سيٽ تي استعيفيٰ ڏني ويندي ان تي ئي چونڊ ڪرائي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔