آرمي چيف جنرل قمر باجوا سڀاڻي رٽائرڊ ٿيندو

ڪراچي: آرمي چيف جنرل قمر باجوا سڀاڻي رٽائرڊ ٿيندو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 6 سالن جي مُدي کانپوءِ سڀاڻي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي

جنرل عاصم منير سڀاڻي 17 هين سپهه سالار طور ڪمان سنڀاليندو

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اڄ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو، آرمي چيف وزيراعظم ۽ ٻين سان الوداعي ملاقاتون پڻ ڪندو

آءِ ايس پي آر چيو آھي ته آرمي چيف جي اثاثن متعلق انگ اکر گمراھ ڪندڙ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آھن، آرمي چيف ۽ سندس گهر ڀاتين جا اثاثا ايف بي آر وٽ ڊڪليئرڊ آهن، آرمي چيف خاندان سوڌو باقاعدگي سان ٽيڪس ريٽرن فائل ڪندو آهي

آءِ ايس پي آر پاران آرمي چيف جي اثاثن بابت هلندڙ افواهن تي سخت ردعمل ظاھر ڪيو ويو آھي، آءِ ايس پي آر موجب  هڪ خاص گروپ طرفان آرمي چيف خلاف سوشل ميڊيا تي اثاثن بابت هلندڙ افواهه ڪوڙ تي ٻڌل آهن

آءِ ايس پي آر موجب سوشل ميڊيا تي هڪ خاص گروپ جنرل باجوا جي نُنهن جي والد ۽ فيملي جي اثاثن کي آرمي چيف جي اثاثن سان منسوب ڪري رهيو آهي، اهڙا افواهه حقيقتن تي ٻڌل ناهن

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي ته هڪ خاص گروپ اهڙا ڪوڙا افواهه پکيڙي رهيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف خلاف ڪوڙ تي ٻڌل انگ اکر هلايا پيا وڃن، هر شهريءَ وانگر آرمي چيف ۽ سندس خاندان ٽيڪس اختيارين آڏو اثاثن بابت جوابدا آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔