فلم جواءِ لينڊ ۾ اسلام جي توهين، مقدس آيتن يا ڪنهن به مذهبي شخصيت خلاف مواد ناهي: عدالت

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ فلم جواءِ لينڊ جي رليز خلاف درخواست تي لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪئي ۽ فيصلي  چيو ته فلم ۾ اسلام جي ڪائي توهين، مقدس آيتن يا ڪنهن مذهبي هنڌ يا شخصيت خلاف مواد ناهي ڏنو ويو.

عدالت چيو ته فلم ۾ اهڙو ڪو به مواد ناهي جنهن سان ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي ٿئي، فلم سينسر واري مرحلي مان گذري چڪي آهي جتي مواد جي جاچ پڙتال کانپوءِ رليز جي اجازت ڏني وئي آهي.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان جو معاشرو ايڏو ڪمزور ناهي جو کدڙن فقيرن جي موضوعن جي نتيجي ۾ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وڃي، ٽرانس جينڊر هر حوالي سان ملڪ جا برابر جا شهري آهن.

عدالت وڌيڪ چيو ته درخواست گذار رڳو آرٽيڪل 227 تي ڀاڙيو ۽ ان جي ڀڃڪڙي به ثابت نه ڪري سگهيو، درخواست گذار فلم جي سرٽيفڪيشن واري عمل ۾ قانوني خامي جي نشاندهي نه ڪئي.

درخواست گذار اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيو ته فلم جي رليز آئين جي ڪهڙي شق جي ڀڃڪڙي آهي، آرٽيڪل 227 رڳو اهو چئي ٿو ته سمورن موجودا قانونن کي اسلام جي حڪمن تحت اختيار ڪيو ويندو.

آرٽيڪل 227پٽاندڙ ڪو به اهڙو قانون لاڳو نه ڪيو ويندو جيڪو قرآن ۽ سنت جي حڪمن خلاف هجي، ضروري ناهي ته سماجي يا ثقافتي قدرن جا سخت ۽ تنقيدي رخ اسلام جي روح جي خلاف هجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔