عمران خان جي حياتيءَ کي خطرا آهن: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان پنهنجو سيڪيورٽي سسٽم بهتر ڪري، سندس حياتيءَ کي خطرا آهن

پريس ڪانفرنس دوران راڻا  ثناءُ الله چيو ته عمران خان کي سياسي مخالف سمجهون ٿا دشمن نه ٿا سمجهون، سياسي مخالفن کي دشمن سمجهڻ واري روايت عمران خان وڌي آهي، جيڪو رستو توهان ورتو آهي اهو تباهيءَ جو رستو آهي

راڻا ثناءُ الله چيو ته لانگ مارچ دوران هيل تائين 4 ماڻهو مارجي چڪا آهن، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي سيڪيورٽي بابت وفاقي سرڪار جي رپورٽس ۽ انٽيليجنس وارننگز کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔