شهناز انصاري قتل ڪيس ۾ رڳو هڪ جوابدار کي جنم ٽيپ: مقتولا جي ڌيءُ پاران انصاف جون دانهون

نوشهروفيروز جي عدالت پيپلزپارٽي جي ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار وقار کوکر کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

عدالت فيصلو ٻڌائيندي ڪيس ۾ نامزد جوابدار اختر، سلما ۽ صديق کوکر باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

ماڊل ڪرمنل ڪورٽ گذريل ٻڌڻيءَ تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي شهناز انصاري کي اڍائي سال اڳ قتل ڪيو ويو هو

عدالتي فيصلو اچڻ بعد ايم پي اي شهناز انصاري جي ڌيءَ ڊاڪٽر فاطما انصاري ناانصافيءَ جون دانهون ڪيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔