سوشل ميڊيا تي ادارن ۾ بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ، ڪوڙي خبر ۽ نفرت پکيڙڻ تي 7 سال قيد تجويز: ترميمون منظور

اسلام آباد : حڪومت سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ايف آءِ اي کي ڪارروائي جو اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول لاءِ نيون ترميمون ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ شامل ڪيون پيون وڃن، نئين ترميم ڪئي ويندي، جيڪا ترميم جي تجويز ڏني وئي آهي

ان موجب تعذيرات پاڪستان جي شق 505 ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ شامل ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت نفرت انگيز مواد، چڙ ڏياريندڙ مواد، ادارن ۾ بغاوت تي ڀڙڪائڻ جهڙن مامرن سميت ڪنهن گروهه ۽ ڪميونٽي کي هڪٻئي خلاف ڀڙڪائڻ تي ايف آءِ اي سوشل ميڊيا صارف خلاف ڪارروائي ڪري سگهندي

صارف کي 7 سال قيد جي سزا ملي سگهندي، ذريعن موجب  ان سلسلي ۾ وفاقي ڪابينا نئين سرڪيوليشن جي ذريعي ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايف آءِ اي ايڪٽ ۾ ترميم جي حتمي منظوري پارليامينٽ کان ورتي ويندي جنهن کان پوءِ ايف آءِ اي سوشل ميڊيا جي مواد تي ڪارروائي ڪري سگهندي.سمري موجب ترميم کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي ڪوڙي خبر ۽ افواهه تي ڪارروائي جو اختيار ايف آءِ اي کي به هوندو. پارليامينٽ کان منظوري کان پوءِ ان قانون جي تحت 7 سالن تائين قيد جي سزا ملي سگهندي

  ان ترميم کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڪنهن به قسم جي جعلي خبر ۽ افواهه تي ڪارروائي جو اختيار ايف آءِ اي کي به هوندو،  پهريان اهو اختيار صرف پوليس وٽ هو، ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهريان ئي سخت اعتراض ڪري پيڪا ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سوشل ميڊيا بابت ترميم تي صحافين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري جو فيصلو ڪري ورتو آهي

گهرو وزير چيو آهي ته بل ذريعي اظهار جي آزادي تي راتاهو لڳو ته بل واپس ورتو ويندو، سوشل ميڊيا ڪجهه شيون اهڙيون آهن جن کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، سوشل ميڊيا ذريعي ماڻهن جي ذاتي زندگي کي نقصان پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته هي سنجيدا معاملو آهي، خدشو آهي ته اظهار جي آزادي کي نقصان نه پهچي تنهنڪري اظهار جي آزادي برقرار رکندي ميڊيا، صحافتي تنظيمون رهنمائي ڪن. گهرو وزير چيو ته سوشل ميڊيا بابت ايف آءِ اي کي اختيارن جي منتقلي تي پارليامنٽ ۾ بحث ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔