ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: نيوزيلينڊ سريلنڪا کي 65 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

سڊني: آءِ سي سي ٽي توئنٽي جي سپر 12 ميچ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا کي 65 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمس ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سريلنڪن ٽيم کي کٽڻ جي لاءِ 168 رنسن جو حدف ڏنو.
حدف جي تعاقب ۾ سريلنڪن ٽيم جي بيٽنگ لائين فلاپ ٿي وئي، سموري ٽيم 20هين اوور ۾ 102 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
سريلنڪا طرفان داس شناڪا 35 ۽ بهڻوڪا راجا پاڪسي 34 رنسن جي اننگز کيڏي. جڏهن ته نيوزيلينڊ طرفان ٽرينٽ بولٽ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. 2-2 وڪيٽون مچل سيمنٽر ۽ اش سوڊهي حاصل ڪيو. نيوزيلينڊ جي گلين فلپس کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔