فواد چوڌري پاران حڪومت کي ڳالهين جي مشروط آڇ

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت چونڊن جو اعلان ڪري ته اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.

سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حڪومت پاران ڳالهين جي دعوت واريون خبرون غير سنجيدا آهن، هڪ پاسي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، آزادي مارچ جي ڪوريج تي پابنديون آهن ۽ ٻئي پاسي هڪ غيرسنجيدا ڪيمٽي جوڙڻ واريون خبرون رڳو آزادي مارچ کي انگيج ڪرڻ لاءِ آهن، اهي چالاڪيون نه هلنديون چونڊن جي تاريخ ڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔