فلم “مولا جٽ” ۾ سنڌي نوجوان نامور اياز اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هيرو جي دوست جا فرض نڀايا

سکر : پاڪستان جي مهانگي ترين رليز ٿيل فلم ”دي ليجنڊ آف مولاجٽ“سموري دنيا ۾ مقبوليت ماڻي آهي. فلم جو ڊائريڪٽر بلال لاشاري آهي پر ساڻس ان وڏي فلم جي ٽيم ۾ ساڻس اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور نامور اياز به ڪم ڪيو آهي.

نامور اياز نه رڳو فلم ۾ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو آهي پر اتي هن پنهنجي اداڪاري جا جوهر به ڏيکاريا آهن. فلم ۾ هو هيرو جو دوست آهي ۽ سندس مائرا خان سان به سين آهن. نامور اياز سکر جو رهواسي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر اياز گل جو پٽ آهي. ن

امور اياز ان وڏي فلم جو حصو ان ڪري بڻيو جو لاهور ۾ هن ڪيتريون ئي شارٽ فلمون، وڊيوز ۽ ايڊورٽائيز شوٽ ڪيون آهن، اسٽيج ڊرامي ۾ به هن عالمي سطح جا ڊراما ڪيا آهن جنهن ۾ سندس اسڪرپٽ به لکيل هوندا آهن، اداڪاري ۽ ڊائريڪٽر طور به ڪم ڪندو آهي.

نامور اياز ملڪ جِي فن جي حوالي سان وڏي يونيورسٽي اين سي اي لاهور ۾ فلم ميڪنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي. ليجنڊ آف مولاجٽ کانسواءِ سندس ٻه ٻيون فلمون به اچڻ واريون آهن. هن سنڌي نوجوان کي لاهور جي اسٽيج ۽ فلم جي دنيا ۾ تيزيءَ سان پذيرائي ملي رهي آهي. سندس هڪ ٽيلي فلم عالمي سطح جي هڪ چينل تي نشر ٿي مقبوليت ماڻي چڪي آهي. کيس گهروارا پرينءَ جي نالي سان سڏيندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔