ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ کي شڪست مهانگائي سبب ملي: راڻا ثناءُالله جو اعتراف

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اعتراف ڪيو آهي ته ننڍي چونڊ ۾ نون ليگ کي شڪست مهانگائي سبب ملي، ڳرن يوٽيلٽي بلز سبب ماڻهو ناراض هئا، ماڻهن جي ناراضگي سبب عمران خان کي ڪجهه هزار وڌيڪ ووٽ مليا

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ننڍي چونڊ کٽڻ جو مطلب اهو نه آهي ته عمران خان کي غير آئيني قدم کڻڻ جو لائسنس ملي ويو

هن چيو ته اسلام آباد تي جٿن سان چڙهائي ڪئي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين،  عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي دوستن لاءِ اهو پيغام آهي ته اسلام آباد تي چڙهائي برداشت نه ڪنداسين

هن چيو ته توهان کي اليڪشن کپي ته ڳالهين جي ميز تي يا پارليامينٽ ۾ اچو، ملڪ ۾ ڏڦيڙ برداشت نه ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔