سنڌ ۾ 20424 راشن بيگز ۽ 3200 خيما ورهايا ويا آهن: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي:سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته امدادي سرگرميون متاثرن جي مڪمل بحالي تائين جاري رهنديون.  هڪ بيان ۾ هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 20424 خاندانن کي راشن بيگز، 3200 خيما ۽ 3000 مال جون مڇردانيون ورهايون ويون. هن وقت تائين متاثرن کي 616118 خيما، 535457 ترپال، 3237345 مڇردانيون، 801666 لٽر منرل واٽر ، 145723 ديڳيون ۽ ٻيو قيمتي سامان فراهم ڪيو ويو آهي. هن وقت رليف ڪيمپن ۾ 242558 متاثر موجود آهن، جن ۾ 66939 ٻار ۽ 52865 عورتون شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔