سنڌ جي 13 لک ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ راشن ورهائي چڪا آهيون: شرجيل ميمڻ 

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي 13 لک ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ راشن ورهائي چڪا آهيون، متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب وک وک تي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي آهي، ڪنهن کي به اڪيلو نه ڇڏيو آهي، ٻوڏ ۽ برساتن دوران فوت ٿيلن جو انگ 763 ٿي چڪو آهي

جاري بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آھي ته ٽينٽ سٽيز ۾ ميڊيڪل ڪيمپس قائم ٿيل آهن، ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جن علائقن مان پاڻي لٿو آهي اتان ٻوڏ متاثرن کي راشن ۽ ڀاڙو ڏئي گهرن ڏانهن اماڻيو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔