وفاقي سرڪار پاران عمران خان خلاف ايڪشن جي وارننگ

ڪراچي : وفاقي سرڪار پاران عمران خان خلاف ايڪشن جي وارننگ، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قومي مفادن سان کيڏندڙن کي هاڻي جواب ڏيڻو پوندو

وزيراعظم پنھنجي بيان ۾ چيو ته سازشي شخص پهرين عوام ۾ ۽ هاڻي ادارن ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سائيفر ۾ هيراڦيري ڪري قومي سلامتي سان هٿ چراند ڪئي وئي

وزيراعظم جي بيان موجب آڊيو ليڪس پاڪستان خلاف سنگين سازش کي وائکو ڪري ڇڏيو آھي، عمران خان ملڪ کي تباھ ڪيو، عمران خان کي جواب ڏيڻو پوندو

ٻئي پاسي  وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي خبر هئي ته هو ملڪي سلامتيءَ سان کيڏي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته اسان فتني خان جي سمورين سازشن کي منطقي انجام تي پهچائينداسين، چوڪيدار تنهنجي ڪرسيءَ جا نه پر قومي مفادن جا ذميوار آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔