عمران خان عورت جج زيبا چوڌري کان معافي وٺڻ لاءِ عدالت ۾ پهچي ويو

اسلام آباد: اڳوڻو وزيراعظم عمران خان عورت جج زيبا چوڌري کان معافي وٺڻ لاءِ عدالت ۾ پهچي ويو، پوليس عدالتي ڪمرو بند ڪري ڇڏيو، عدالت جي ريڊر عمران خان کي چيو ته جج صاحبه موڪل تي آهي

ان موقعي تي عمران خان ريڊر کي مخاطب ٿيندي چيو ته گواهي ڏجو ته مان جج کان معافي وٺڻ آيو هيس، عمران خان قلم 144 جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ به عدالت آڏو پيش ٿيو

 ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، ايڊيشنل سيشن جج پاران وقت تي اچڻ تي عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ جي واکاڻ، جج چيو سٺو لڳو توهان وقت تي آيا، نوجوانن کي به اهو ئي پيغام ڏيڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔