اسٽيٽ بينڪ پاران75 رپين جي ماليت جو  يادگاري بينڪ نوٽ جاري

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ  پاڪستان جي آزادي جي 75هين سالگره جي موقعي تي 75 رپين جي ماليت جو هڪ يادگاري نوٽ جاري ڪيو آهي .

هي يادگار ڪرنسي نوٽ اڄ کان عوام لاءِ ايس بي پي بي ايس جي آفيسن ۽ڪمرشل بينڪن جي برانچن ۾ دستياب هوندو .

ان يادگاري نوٽ کي ايس بي پي ايڪٽ 1956 ع جي شق 25 هيٺ ليگل ٽينڊر جي حيثيت حاصل آهي ۽ ان کي پاڪستان ۾ ڪاروباري ڏيتي ليتي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو .

هي اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل ٻيو يادگاري نوٽ آهي . اسٽيٽ بينڪ 1997 7 ۾ ملڪ جي آزادي جي پنجاهه سال مڪمل ٿيڻ  تي پهريون يادگاري نوٽ جاري ڪيو هو .

هن يادگاري ڪرنسي نوٽ کي پاڪستان جي قيام ۾ اهم  ڪردار ادا ڪندڙ اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي .

بينڪ نوٽ جي سامهون واري پاسي تي قائداعظم محمد علي جناح ، علاما محمد اقبال ، محترما فاطما جناح  ۽ سرسيد احمد خان جون تصويرون لڳل آهن جڏهن ته هن يادگاري نوٽ جو پويون پاسو ماحولياتي تبديلي ۽ پاڪستان تي ان جي اثرن سان اسان جي قومي وابستگي کي اجاگر ڪري ٿو .

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔