وفاقي وزير اسحاق ڊار اسلام آباد جي احتساب عدالت آڏو پاڻ کي سرينڊر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي وزير اسحاق ڊار اسلام آباد جي احتساب عدالت آڏو پاڻ کي سرينڊر ڪري ڇڏيو، اسحاق ڊار احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت پيشيءَ بعد اسحاق ڊار کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته عمران نيازي جي حڪومت منهنجو پاسپورٽ ڪينسل ڪري ڇڏيو هو، جيڪو چئن سالن تائين مون وٽ نه هو

اسحاق ڊار جو چوڻ ھو تھ  نئين حڪومت مون کي پاسپورٽ جاري ڪيو، اڳوڻي حڪومت جعلي ڪيس ٺاهيا ۽ اڳوڻا وزير ٽي وي تي ويهي چوندا رهيا ته اسحاق ڊار کي انٽرپول ذريعي واپس آندو ويندو

ھن چيو تھ جن به مون مٿان ڪيس ڪيا اُنهن کي شرم اچڻ گهرجي، خدا جي واسطي بس ڪريو ۽ هاڻي پاڪستان کي اڳتي وڌڻ ڏيو، ملڪ کي هلڻ ڏيو، عمران خان لاءِ اهو ئي پيغام آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔