سنڌ ۾ برساتن سبب 20 هزار کان وڌيڪ اسڪول تباهه ٿيا آهن: سردار شاهه

ڪراچي : تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ چيو آھي تھ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ 15 آڪٽوبر جي وارننگ آهي، سنڌ ۾ برساتن سبب 20 هزار کان وڌيڪ اسڪول تباهه ٿيا آهن

سردار شاھ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ اسڪول تباهه ٿيڻ ڪري 20 28 لک ٻار متاثر ٿيا آهن، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي 15 آڪٽوبر تائين آفر آرڊر ڏيڻ جي وارننگ ڏني آهي

15 آڪٽوبر تائين ٽارگيٽ پورو نه ڪندڙ ڊي اي اوز کي گهر ڀيڙو ڪندس، ڊي سيز کي خط لکيو آهي ته اسڪولز ۾ ويٺل متاثرن کي بهتر هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي

اُن جو مطلب اِهو هرگز ناهي ته اسان متاثرن کي جبري طور اسڪولز مان نيڪالي پيا ڏيون، يونيورسٽيز ۾ واڌو ملازم ڀرتي ڪرڻ سان مالي دٻاءُ وڌيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔