سنڌ ۾ سارين، ڪمند، مرچ، کجي سوڌو 78 سيڪڙو فصل تباهه: لاڙڪاڻو، قمبر ۽ خيرپور وڌيڪ متاثر

اسلام آباد :ٻوڏ سبب سنڌ صوبي جي زراعت کي پهتل ڀيانڪ نقصان جا انگ اکر سامهون اچي ويا آهن، 23 ضلعن ۾ مجموعي طور 78.17 سيڪڙو يعني 37 لک 73 هزار 703 ايڪڙن تي فصل تباهه ٿيو آهي، بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 92 سيڪڙو جڏهن قمبر شهدادڪوٽ، ڄامشورو ۾ 90 سيڪڙو، سانگهڙ، خيرپور، سکر، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ 85 سيڪڙو، جيڪب آباد ضلعي ۾ 88 سيڪڙو، مٽياري ۾ 82 سيڪڙو فصل تباهه ٿي وڃڻ جي تصديق، جڏهن ته باقي ضلعن ۾ 50 کان 75 سيڪڙو تائين فصل تباهه ٿيڻ جو انڪشاف، سنڌ جي زراعت کاتي پاران ٻوڏ سبب فصلن کي پهتل نقصان بابت ڪيل سروي جي رپورٽ پنهنجي اخبار حاصل ڪري ورتي آهي،

جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ جي ٻوڏ متاثر 23 ضلعن ۾ پوکيل سارين جو فصل 74.85 سيڪڙو تباهه ٿي ويو آهي، مجموعي طور تي 11 لک 13 هزار 620 ايڪڙن تي پوکيل سارين جو فصل تباهه ٿيو، 23 ضلعن ۾ مرچن جو فصل 91.65 سيڪڙو يعني 58 هزار 132 ايڪڙن تي پوکيل مرچن جو فصل تباهه ٿيو آهي، 88.08 ٽماٽن جو فصل يعني 52 هزار 473 ايڪڙن تي پوکيل ٽماٽن جو فصل تباهه ٿيو، ٻوڏ متاثر 23 ضلعن ۾ 77.50 سيڪڙو يعني هڪ لک 17 هزار 211 ايڪڙن تي پوکيل بصرن جو فصل تباهه ٿيو، خريف سيزن جون مختلف سبزيون 88.29 سيڪڙو،49 هزار 694 ايڪڙن تي خريف جون مختلف سبزيون تباهه ٿيون آهن، ٻوڏ متاثر 23 ضلعن ۾ 32.85 سيڪڙو يعني 2 لک 39 هزار 653 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جو فصل تباهه ٿيو، ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ 28.2 سيڪڙو يعني 8 هزار 951 ايڪڙن تي پوکيل ترن جو فصل ٻوڏ سبب ختم ٿي ويو،

جڏهن ته ٻيا فصل سنڌ جي ٻوڏ متاثر 23 ضلعن ۾ 94.7 سيڪڙو تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 92.21 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا آهن، لاڙڪاڻي ۾ هڪ لک 84 هزار 245 ايڪڙن تي پوکيل ساريون، 2 هزار ايڪڙن تي بيٺل ڪمند تباهه ٿيو آهي، جڏهن ته ڄامشوري ضلعي ۾ مجموعي طور تي 90.59 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا آهن، ڄامشوري ضلعي ۾ 1175 ايڪڙن تي بيٺل مرچ، 350 ايڪڙن تي بيٺل ٽماٽا، 21 هزار 223 ايڪڙن تي بصر، 1420 ايڪڙن تي خريف جون  مختلف سبزيون، 670 ايڪڙن تي ڪمند، 592 ايڪڙن تي ترن جو فصل تباهه ٿيو آهي، قمر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ 90.95 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا آهن، 2 لک هڪ هزار 600 ايڪڙن تي سارين جو فصل پوکيو ويو، جنهن مان هڪ لک 83 هزار 449 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو آهي، جيڪب آباد ضلعي ۾ 88.4 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا آهن، جنهن ۾ 91 هزار 520 ايڪڙن تي بيٺل ساريون، 1825 ايڪڙن تي بيٺل بصرن جو فصل شامل آهي، سانگهڙ ضلعي ۾ 85.10 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا آهن، جنهن ۾ 950 ايڪڙن تي پوکيل مرچ، 10 هزار 120 ايڪڙن تي بصر، 1501 ايڪڙن تي مختلف سبزيون، 35 هزار 335 ايڪڙن  تي بيٺل ڪمند جو فصل تباهه ٿيو، خيرپور ضلعي ۾ 100 سيڪڙو کارڪن جو فصل، 9 هزار 360 ايڪڙن تي ڪمند جو فصل تباهه ٿيو، سکر ضلعي ۾ 85.52 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا آهن،

جنهن ۾ 816 ايڪڙ تي پوکيل سبزيون، 8 هزار 775 ايڪڙن تي ڪمند ۽ 2 هزار 299 ايڪڙن تي ٻيا فصل تباهه ٿيا، عمرڪوٽ ۾ 78.87 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، جن ۾ 11 هزار 263 ايڪڙن تي مرچن جو فصل، 995 ايڪڙن تي ٽماٽا، 4 هزار 34 ايڪڙن تي بصر، 1836 ايڪڙن تي ڪمند، 8 هزار 222 ايڪڙن تي ٻيا تباهه ٿيل فصل شامل آهن، ميرپور خاص ضلعي ۾ 75.16 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، جن ۾ مرچن جو فصل 11 هزار 850 ايڪڙن تي، ٽماٽن جو فصل 2 هزار 910 ايڪڙ، بصر 9 هزار 530 ايڪڙ، مختلف سبزيون 6 هزار 24 ايڪڙ، ڪمند 11 هزار 536 ايڪڙ ۽ مختلف فصل 28 هزار 200 ايڪڙن تي تباهه شامل آهن، بدين ۾ 77 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، جن ۾ هڪ لک 64 هزار 500 ايڪڙن تي بيٺل ساريون، 18 هزار 430 ايڪڙن تي بيٺل مرچن جو فصل، 14 هزار 82 ايڪڙن تي ٽماٽن جو فصل، 2 هزار 515 ايڪڙن تي بصرن جو فصل، 2 هزار 280 ايڪڙن تي ڪمند، 20 هزار 850 ايڪڙن تي مختلف تباهه ٿيل فصل شامل آهن، مٽياري ضلعي ۾ 82 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، جن ۾ 2 هزار 220 ايڪڙن تي بيٺل ٽماٽا، 16 هزار 333 ايڪڙن تي بيٺل بصر، 8 هزار 105 ايڪڙن تي ڪمند، 678 ايڪڙن تي تر، 18 هزار 590 ايڪڙن تي مختلف تباهه ٿيل فصل شامل آهن، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 69 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا،

جن ۾ 1108 ايڪڙن تي مرچ، 90 ايڪڙن تي ٽماٽا، 120 ايڪڙن تي بصر، 80 ايڪڙن تي مختلف سبزيون، 93 ايڪڙن تي ڪمند، 828 ايڪڙن تي مختلف تباهه ٿيل فصل شامل آهن، ٽنڊو محمد خان ۾ 64.64 سيڪڙو فصل ت

باهه ٿيا، جن ۾ 18 هزار 432 ايڪڙن تي ساريون، 1050 ايڪڙن تي مرچ، 2355 ايڪڙن تي ٽماٽا، 19 هزار 54 ايڪڙن تي بصر، 18 هزار 350 ايڪڙن تي ڪمند، 10 هزار 800 ايڪڙن تي مختلف تباهه ٿيل فصل شامل آهن، ٽنڊو الهيار ۾ 68.65 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، جن ۾ 4 هزار 94 ايڪڙ مرچ، 401 ايڪڙن تي ٽماٽا، 9894 ايڪڙن تي بصر، 3 هزار 520 ايڪڙن تي مختلف سبزيون، 12 هزار 980 ايڪڙن تي ڪمند، 11 هزار 300 ايڪڙن تي مختلف فصل تباهه ٿيل شامل آهن، حيدرآباد ۾ 54.54 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، جن ۾ هڪ هزار 15 ايڪڙن تي بيٺل ساريون، 254 ايڪڙن تي ٽماٽا، 893 ايڪڙن تي بصر، 11 هزار 335 ايڪڙن تي مختلف سبزيون، 2 هزار 350 ايڪڙن تي ڪمند، 5 هزار 500 ايڪڙن تي مختلف فصل تباهه ٿيل شامل آهن،

دادو ضلعي ۾ 75 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، جن ۾ 72 هزار 936 ايڪڙن تي ساريون، 1510 ايڪڙن تي بصر، 1265 ايڪڙن تي سبزون، 4 هزار 968 ايڪڙن تي ڪمند، 1585 ايڪڙن تي تر، 18 هزار 240 ايڪڙن تي مختلف تباهه ٿيل فصل شامل آهن، شهيد بيظير آباد ضلعي ۾ 76 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، جن ۾ 3 هزار 926 ايڪڙن تي مرچ، 1910 ايڪڙن تي ٽماٽا، 12 هزار 840 ايڪڙن تي بصر، 5 هزار 498 ايڪڙن تي مختلف سبزيون، 24 هزار 700 ايڪڙن تي ڪمند، 182 ايڪڙن تي تر، 12 هزار 474 ايڪڙن تي ٻيا مختلف فصل تباهه ٿيا، نوشهرو فيروز ضلعي ۾ 82 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، جن ۾ 850 ايڪڙن تي ٽماٽا، 2 هزار 478 ايڪڙن تي بصر، 2829 ايڪڙن تي مختلف سبزيون، 35 هزار 335 ايڪڙن تي ڪمند، 4 هزار 54 ايڪڙن تي تر، 22 هزار 202 ايڪڙن تي مختلف تباهه ٿيل فصل شامل آهن، گهوٽڪي ضلعي ۾ 69 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، جن ۾ 38 هزار 290 ايڪڙن تي ڪمند، 1300 ايڪڙن تي بصر، 390 ايڪڙن تي ٽماٽا، 520 ايڪڙن تي مرچ، 4 هزار 141 ايڪڙن تي مختلف فصل تباهه ٿيل شامل آهن، ٺٽي ۽ سجاول ضلعي ۾ 69 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، جن ۾ 88 هزار 835 ايڪڙن تي ساريون، 3 هزار 765 ايڪڙن تي مرچ، 25 هزار 386 ايڪڙن تي ٽماٽا، 3 هزار 285 ايڪڙن تي بصر، 8 هزار 880 ايڪڙن تي مختلف سبزيون، 16 هزار 690 ايڪڙن تي ڪمند، 18  هزار 640 ايڪڙن تي مختلف تباهه ٿيل فصل شامل آهن، ڪشمور ضلعي ۾ 85 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، ان ضلعي ۾ 2 لک 20 هزار 622 ايڪڙن تي پوکيل سارين هڪ لک 87 هزار 793 ايڪڙن تي ساريون تباهه ٿيون، شڪارپور ضلعي ۾ هڪ لک 20 هزار 904 ايڪڙن تي بيٺل ساريون تباهه ٿيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔