روس پاران پاڪستان کي پائيپ لائين ذريعي گئس ڏيڻ جي آڇ: منصوبو بحال ٿيڻ سان توانائي بحران ختم ٿي ويندو: وزيراعظم

سمر قند: روس پاڪستان کي پائيپ لائين ذريعي گئس ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته  منصوبو بحال ٿيڻ سان توانائي بحران ختم ٿي ويندو

جڏهن ته شهباز شريف سان روس، ايران ۽ ترڪيه جي صدرن پڻ ملاقاتون ڪيون، شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ اڄ اهم عالمي معاملن تي ڳالهيون ٿينديون. تفصيل موجب وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ازبڪستان جي شهر سمر قند پهتو، ايئرپورٽ تي شهباز شريف جي شاندار آجيان ڪئي وئي کيس گلدستا پڻ پيش ڪيا ويا

سمر قنڌ پهچڻ بعد وزيراعظم شهباز شريف سان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن  اهم ملاقات ڪئي ان موقعي تي گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون، ملاقات ۾ توانائي، دفاع، فوڊسيڪيورٽي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته روس جي صدر پاڪستان کي پائيپ لائين ذريعي گئس ڏيڻ جي آڇ ڪئي روسي صدر جو چوڻ هو ته  روس کان پاڪستان کي پائپ لائين ذريعي گئس جي فراهمي ممڪن آهي

روس کان پاڪستان تائين گئس پائپ لائن اڳ کان موجود انفرا اسٽرڪچر جو حصو آهي جڏهن ته وزير اعظم شهباز شريف چيو ته گئس پائيپ لائن منصوبو بحال ٿيڻ سان پاڪستان مان توانائي جو بحران ختم ٿي ويندو. ملاقات ۾ صدر پيوٽن جو چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان کي اهم نظر سان ڏسون ٿا، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بهتر نموني اڳتي وڌي رهيا آهن، هن چيو ته پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ امدادي سامان اماڻيو آهي

جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي وڌيڪ مدد ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افغانستان ۾ امن امان پاڪستان ۽ روس لاءِ انتهائي اهم آهي، ٻئي ملڪ افغان سميت علائقائي امن لاءِ گڏجي ڪوشش تيز ڪندا.  ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف سان ايراني صدر ابراهيم رئيسي، ترڪيه جي صدر طيب اردگان جون پڻ اهم ملاقاتون ٿيون

جن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ٿيون. واصح رهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سميت مختلف ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن. جڏهن ته اڄ اهم عالمي معاملن تي ڳالهيون ٿينديون، شهباز شريف ۽ نريندر مودي به هڪ ٻئي سامهون ايندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔