ڪاڇي ۾ ٻوڏ جي تباھي بعد مختلف بيمارين منھن ڪڍيو، اسپتالن کي تالا لڳل

ٽنڊو رحيم خان : ڪاڇي ۾ صحت کاتي جون سھولتن جي دعويٰ ڌوڙ، ٻوڏ جھڙي صورتحال ۾ ايمرجنسي باوجود اسپتالن کي تالا لڳل آھن پي پي ايڇ آءِ جي  ۽ ڪي بي چاڪرشاھاڻي ڊسپينسري مهينو کان بند پيل آھي

جڏھن ته ڇني بي ايڇ يو کي پڻ تالا لڳل آھن، ڪوبه عملو ڊيوٽي تي موجود ناھي جڏهن ته سرڪاري ۽  پي پي ايڇ آءِ جون اسپتالون بند هجڻ ڪري علائقي ۾ گيسٽرو، چمڙي  ۽ پيٽ جون بيماريون ھجڻ باوجود به صحت کاتو اگھور ننڊ ستل آھي

 ڪاڇي ۾ ٻوڏ دوران ڪيترائي ڄڻا گيسٽرو، مليرا، ۽ مختلف بيماريون ۾ حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته نانگ، ۽ ڇتي، ڪتي وارا سيون اڻلڀ آھن، اڃا تائين صحت کاتي ڪي به جوڳا قدم نه کنيا

ٻن مهينن کان ٻوڏ سبب ڇئن يونين ڪائونسل ٽنڊو رحيم ڇني شاہ حسن ساوڙو جي 400 ڳوٺن جو تعلقي هيڊ ڪواٽر جوهي کان زميني رابطو پڻ ڪٽيل آهي

هڪ طرف رستا بند ٻئي طرف اسپتالون بند بک  بيماري سبب ماڻهو عزاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور؛ علائقي واسين مطالبو ڪندي چيو ته بي ايڇ يو  ڇني سميت ڪاڇي جي سڀني اسپتالون دوائون فراهم ڪيون وڃن

دوداپور جي مختلف علائقن ۾ گيسٽرو ۽ مليريا بخار وبائي صورت اختيار ڪري وئي، ڳوٺ گُل خان لهر ۾ گيسٽرو ۽ تيز بُخار سبب پيرسن علڻ لُهر فوت هڪ هفتي اندر دوداپور ۽ ڀرپاسي ۾  فوتين جو انگ وڌي اٺ ٿي ويو

وبائي بيماري تيزي سان ڦهلجڻ لڳي برسات متاثر علائقي واسي سخت ڳڻتين ۾ مبتلا صيحت کاتي تحرڪ نه ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔