سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهيءَ کانپوءِ بُک ۽ بيمارين جا ڪلور، ٻارن تڙپڻ جا جيءُ جهوريندڙ منظر

ڪراچي: سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهيءَ کانپوءِ بُک ۽ بيمارين جا ڪلور جاري آهن، علاج لاءِ دربدر ٻارن جي تڙپڻ جا جيءُ جهوريندڙ منظر ڏسڻ ۾ ملي رهيا آهن

 باهو کوسو ۾ ساهه جي تڪليف سان جهيڙيندڙ ٻارڙي کي مسيحا نه مليو، والدين جگر جو ٽڪرو هنج ۾ کڻي علاج لاءِ ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن

ڪُنري جي رليف ڪئمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر عورت مليريا وگهي فوت ٿي وئي، مرچ منڊي ۾ قائم رليف ڪيمپ ۾ترسيل پيرسن عورت ٽن ڏينهن کان بيمار هئي، علاج جون سهولتون نه هجڻ سبب سندس حياتي نه بچي سگهي

پيرڳوٺ ۾ عورت ۽ هڪ پيرسن گئسٽرو وگهي حياتي وڃائي ويٺا، فوتين ۾ پيرسن شاهن جاگيراڻي ۽ عورت اقبال خاتون شامل آهن

نصيرآباد ۾ انڊس هاءِ وي تي ترسيل ٻوڏ متاثر بُک وگهي تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو، گاجي کهاوڙ واسي عبدالرحيم ساکاڻي امداد نه ملڻ ڪري ڪجهه نه کاڌو هو، ٻوڏ متاثر ٻچا بک وگهي تڙپڻ جون دانهون ڪري رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔