نئين حڪومت چونڊجڻ تائين آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي واڌ ڏني وڃي: عمران خان

اسلام آباد : تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي واڌ ڏيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.

خانگي ٽي وي چئنل کي خاص انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته نئين آرمي چيف جو معاملو نئين حڪومت اچڻ تائين ملتوي ڪرڻ گهرجي، نئين حڪومت نئين آرمي چيف جي چونڊ ڪري.

هن چيو ته 85 سيٽن وارو مفرور آرمي چيف ڪيئن ٿو سليڪٽ ڪري سگهي؟ جيڪڏهن مخالف چونڊون کٽي ٿا و ڃن ته پوءِ سپهه سالار جي چونڊ ڪن مون کي ڪو مسئلو ناهي، نئين حڪومت جي چونڊجڻ تائين جنرل قمر جاويد باجوا کي عهدي تي واڌ ڏني وڃي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مان حڪومت سان چونڊن سميت هر موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان، آمريڪا مخالف ناهيان.

توهين عدالت ڪيس جي حوالي سان اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪجهه چوڻ جي اجازت ملي ها ته شايد معافي گهري وٺان ها.

ٻوڏ بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ٻوڏ سان وڏي تباهي آئي آهي، سنڌ ۾ فصل تباهه ٿي ويا، فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، سڄي قوم کي گڏجي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب سڄي دنيا ۾ تباهي ٿي رهي آهي، تنهن ڪري اسان جي حڪومت بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو هو، سنڌ ۾ وڏا وڏا طاقتور پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ پاڻي جو رُخ ٻئي پاسي موڙي ٿا ڇڏين.

عمران خان چيو ته ٻوڏ کانپوءِ معيشت جي حوالي سان به وڏو امتحان اچي رهيو آهي، پاڪستان ڏيوالي ڏانهن وڃي رهيو آهي، بجلي ۽ پيٽرول جا اگهه مٿي وڃي رهيا آهن، مون کي خوف آهي ته سياسي استحڪام نه آيو ته معاشي استحڪام نه ايندو، ملڪ ۾ سياسي استحڪام رڳو چونڊن سان اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن پاڪستان ڊيفالٽ ٿي ويو ته وڏا مسئلا پيدا ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔