اليڪشن ڪميشن پاران 4 تڪن ۾ ننڍي چونڊ جي تاريخ جو اعلان

اسلام آباد؛ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 4 تڪن ۾ ننڍي چونڊ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اين اي 157، پي پي 139، پي پي 241، پي پي 209 ۾ ننڍي چونڊ جو اعلان ڪندي چيو ويو ته ملتان، شيخوپورا، خانيوال ۽ بهاولنگر جي انهن تڪن ۾ ننڍي چونڊ 9 آڪٽوبر تي ٿيندي.

هوڏانهن قومي اسيمبلي جي 9 تڪن جي ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو فيصلو معطل ڪرڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته عدالت وضاحت ڪئي آهي ته اهو فيصلو رڳو درخواستگذار جي حد تائين لاڳو ٿيندو.

جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب اليڪشن ڪميشن طرفان اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضروري وضاحت جي ڪاپي وڍي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته انهن 9 تڪن جي چونڊ جي تاريخن بابت اليڪشن ڪميشن غور ڪندي، 9 تڪن ۾ ننڍي چونڊ جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن جو ٻيهر اجلاس 14 سيپٽمبر تي ئي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔