سنڌ ۾ نئين ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4000 رپيا مڻ مقرر

ڪراچي:سنڌ حڪومت  پرڳڻي جي فلور ملن ۽ چڪي مالڪن کي 15 بجاءِ پهرين آڪٽوبر کان ڪڻڪ فراهم ڪرڻ ۽ ربيع مند ۾ لهندڙ نئين ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

وڏي وزير سيد مراد شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ رليف کاتي جي سفارش تي ملير ضلعي جي ٻن يوسيز سميت 24 ضلعن کي آفت سٽيل علائقن ۾ شامل ڪرڻ جي پوسٽ فيڪٽو منظوري ڏني وئي. واضح رهي ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي انهن  ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي چڪي آهي، ڪالهه سنڌ ڪابينا پهرين آڪٽوبر کان  پرڳڻي جي فلور ملن ۽ چڪين کي ڪڻڪ جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اجلاس ۾خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ رليز ڪرڻ بابت رکيل ايجنڊا جي منظوري بعد فلور ملن ۽ چڪين کي جاري ٿيندڙ  ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ خوراڪ واري وزير مڪيش چاولا، يونيورسٽيز واري وزير اسماعيل راهو ، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، زراعت  واري صلاحڪار منظور وساڻ، خاص معاون قاسم نويد ۽ حارث گذدر تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا هڪ هفتي اندر رپورٽ ڏيندي

هوڏانهن ڪابينا اجلاس بابت اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو  ته اسين امپورٽڊ ( پرڏيهي) ڪڻڪ 9 هزار رپيا في مڻ به خريد ڪندا آهيون، انهي ڪري  سال 2022-23ع جي نئين ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ اجلاس کي ٻڌايو  ته هن وقت زمينون ٻڏل آهن،  نئين فصل لاءِ آبادگارن ۽ هارين کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي، سٺو امدادي اگهه مقرر ڪرڻ سان آبادگار نئين فصل لاءِ زمين تيار ڪري وٺندا، اجلاس ۾ وڏي وزير مراد شاهه چيو ته جيڪڏهن هن سال ڪڻڪ نه ٿي ته ڏڪار واري صورتحال ٿي ويندي، اسين پرڏيهه مان مهانگي ڪڻڪ خريد ڪريون  ٿا، جنهن مان ظاهر آهي ته اسين پنهنجن آبادگارن بدران ٻين ملڪن کي فائدو ڏيون ٿا

انهي ڪري سنڌ حڪومت امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ  مقرر ڪيو آهي. پي ڊي ايم اي اختيارين  اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته برسات سٽيلن ۾ 10 سيپٽمبر تائين 183424 خيما ورهايا ويا، جڏهن ته 9945 پائيپ لائين ۾ آهن. ضلعي انتظاميا کي 145090 ترپال فراهم ڪيا وياآهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ 60000 ترپال ملڻ جو امڪان آهي. هن وقت تائين  1385105 مڇر دانيون ورھايون ويون آھن، جڏهن ته  174600 پائيپ لائين ۾ آهن. ضلعي انتظاميا کي 301060 راشن بيگز ڏنا ويا آهن، جڏهن ته 21640 پائيپ لائين ۾ آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔