شهيدن جي بي مثال قربانين جي ڪري اسان جو جهنڊو اوچو آهي، بچاءَ واري ڏهاڙي تي آرمي چيف جو پيغام

راولپنڊي: بچاءَ واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته شهيدن جي بي مثال قربانين جي ڪري اسان جو جهنڊو اوچو آهي .اسان جي آزادي ۽ امن شهيدن جي ڏنل رت جي صدقي آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران جاري ٽوئٽ ۾ چيو ويو آهي ته قوم اسان جي هيروز کي سلام پيش ڪري ٿي . هن چيو ته 6 سيپٽمبر پاڪستاني فوج جي نه ٽٽندڙ عزم جي علامت آهي ، قوم جي حمايت سان مسلح هٿياربند فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔